تاجن منڌري جو ڪوٽ

تاجن منڌري جو ڪوٽ: هي ماڳ بدين ضلعي ۾ سيراڻي لڳ مانڌر جي علائقي ۾ تاجن منڌري جي حوالي سان مشھور آهي. ’منڌرا‘ ذات جا ماڻهو ’مانڌر‘ خطي جا رهاڪو هئا. مانڌر خطو، بدين ضلعي ۾، ميرواهه (ڦٽل قاضيا واهه) کان شروع ٿي، ميرواهه جي دنگ تي ختم ٿئي ٿو. اها سڄي ايراضي”مانڌر“ سڏبي آهي. هتي هن وقت به منڌرا ذات وارا رهن ٿا. تاريخن ۾ اچي ٿو ته ماضيءَ ۾ منڌرا ڏاڍا زور آور هوندا هئا، جن جو سردار تاجن منڌرو هوندو هو. جيڪو سنڌ جي لوڪ ادب ۾ هڪ ڏاهي مڙس جي حيثيت سان ڄاتو وڃي ٿو. جنھن جي زور ڀڃڻ لاءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي هڪ ڀيري بالاچ خان کي مٿس چاڙهي موڪليو، جيڪو تاجن هٿان قتل ٿي ويو. ٻيو ڀيرو ميان صاحب 1159 هه/ 1746ع ۾ سندس خلاف فوج ڪشي ڪئي. تاجن ريٻارين وٽ ڪانجهي ڪوٽ ۾ وڃي پناهه ورتي. ميان سان گڏ صاحبزادو احمد يار خان، شاهه بھارو، سپھه سالار فضل علي خان، عارف خان، مير متارو، مراد ڪليري، چاڪر بلوچ، بختيار کهاوڙ ۽ ٻيا ڪانجهي ڪوٽ تي ڪاھي آيا ۽ ڪوٽ کي سرنگهه ھڻي بارود سان اڏائي ڇڏيو. شاهه بھاري تاجن منڌري کي گرفتار ڪري ميان آڏو پيش ڪيو. روايت آهي ته تاجن معافي گهري جنھن تي کيس معافي به ملي، پر پوءِ به هُو پنھنجي ارڏاين کان نه مڙيو. نيٺ ٻئي ڀيري شاهه بھاري لشڪر وٺي تاجن کي گرفتار ڪري ميان جي حوالي ڪيو. جنھن سندس سر قلم ڪرايو. ھي ماڳ تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ اڻ کوٽيل آھي. دڙو زمين جي سطح کان چار فوٽ اوچائيءَ تي آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو